راڻو اجمال

راڻو اجمال: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: مغل سلطنت طرفان ٺٽي جو آخري نواب صادق علي خان هو، جيڪو نواب سيف الله خان جو پٽ هو. 1150هه/1737ع ۾ ٺٽي جو پرڳڻو ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي حوالي ڪيو ويو. ميان نور محمد پنهنجا چند اعتبار جوڳا ماڻهو ٺٽي جو انتظام سنڀالڻ لاءِ موڪليا. اهو ڏسي ’ڌاريجا‘ علائقي جي والي راڻي اجمال، ڪڪرالي جي ڄام ۽ راڻي ڏهراج بغاوت ڪئي، پر ميان نور محمد ٻه سال خاموش رهيو، نيٺ راڻي ڏهراج ڪوهستاني ويڙهاڪن کي ڀڙڪائي ڪلهوڙن جي فوج تي حملو ڪرايو، جنهن ۾ ڪلهوڙن کي وڏو نقصان ٿيو. تڏهن ميان نور محمد پنهنجي پٽ ميان محمد مرادياب کي ٺٽي موڪليو، جنهن پهچندي ئي حملو ڪري ڏنو. راڻو اجمال، ڪڪرالي جو ڄام ۽ راڻو ڏهراج شڪست کائي ڀڄي نڪتا، پر ڪلهوڙن جي فوج مان سرائين واري دستي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ انهن ٽنهي کي شڪست ڏئي تابعدار بنايو. راڻو اجمال اهل علم حاڪم هو. سندس درٻار ۾ عالم، فاضل ۽ شاعر موجود هوندا هئا. مرزا محمد جعفر شيرازي سنڌ ۾ اچڻ سان پهرين راڻي اجمال وٽ رهيو هو.


لفظ راڻو اجمالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو